اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ضلعي انتظاميا اسلام آباد ۾ 25 ڊسمبر تي ڪرسمس کانپوءِ 26 ڊسمبر تي به عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر صاحبزادا محمد يوسف ان حوالي سان باقاعدي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب 26 ڊسمبر تي پرڏيهي اعليٰ سطحي وفد جي آمد تي عام موڪل هوندي.
آءِ سي ٽي، سي ڊي اي، انتظاميا، پوليس ۽ سرڪاري اسپتالن جي موڪل نه هوندي.
واضح رهي ته 25 ۽ 26 ڊسمبر کانپوءِ ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل گڏائي اسلام آباد ۾ لاڳيتيون 4 موڪلون هونديون.
You might also like