اسلام آباد (منيب فاروق) وزيراعظم ڳالهين جي آڇ سان گڏوگڏ اهو به چيو آهي ته ناجائز مطالبا يا بليڪ ميلنگ نه هلندي. ان جو مطلب اهو آهي ته ڪو رليف ناهي، ننڍن معاملن تي ڳالهيون ٿينديون. عمران خان جي ڀيڻ عليما خان جيل ٻاهران ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران خان کي قيدِ تنهائي ۾ رکڻ قبول ناهي. هن چيو ته عمران خان کان ڊپ ظاهر ڪيو پيو وڃي، پر هو پنهنجي حق لاءِ بيٺو آهن. هن دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن عمران خان کي شفٽ ڪيو ويو ته تحريڪ هلائي ويندي. حقيقت اها آهي ته حڪومت يا اسٽيبلشمينٽعمران خان سان ڳالهائڻ لاءِ مجبور ناهي. طاقت جو نظام پنهنجو رستو هلائي رهيو آهي ۽ موجوده حالتن ۾ عمران خان جي آزادي يا نون چونڊن بابت ڪا گنجائش نظر نٿي اچي. عمران خان خلاف ڪيس هلندا رهندا ۽ اپيلن ۾ به ڪا خاص اڳڀرائي نظر نٿي اچي. ڪجهه ماڻهو فوج اندر اختلافن جون افواهون پکيڙي رهيا آهن، پر ادارا پنهنجي طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن.