ممبئي ( ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪري رهي آهي ته بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگھه مشهور فلم سيريز ڊان جي ايندڙ فلم ”ڊان 3“ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
2023 ۾ اداڪار، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر فرحان اختر پنهنجي نئين فلم ڊان 3 جو اعلان ڪندي ٻڌايو هو ته بالي ووڊ جي ڪنگ شاه رخ خان جي جاءِ تي هن ڀيري رنوير سنگهه ڊان جي روپ ۾ نظر ايندو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ فرحان اختر چيو هو ته ڊان 3 ۾ شاه رخ خان جي جڳهه رنوير سنگھه والاريندو ۽ فلم جي شوٽنگ جلد شروع ٿيندي.
فلم جي اعلان کان ٻن سالن بعد هاڻي رنوير سنگهه طرفان ڊان 3 ڇڏڻ جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن.
ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب، ان معاملي بابت ويجهڙن ذريعن جو چوڻ آهي ته فلم ڌُرنڌَر جي شاندار ڪاميابي کانپوءِ رنوير سنگهه ليلا ڀنسالي، لوڪيش ڪنگراج جهڙن فلمسازن سان ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهي ۽ هو مسلسل گينگسٽر جا ڪردار ادا ڪرڻ نٿو چاهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته رنوير سنگهه ڊان 3 تي پنهنجن ٻين منصوبن کي ترجيح ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، ڌُرنڌر جي رليز کان فوري طور رنوير کي ڊان 3 جي شوٽنگ شروع ڪرڻي هئي، پر موجودا صورتحال کي نظر ۾ رکندي هن فلم جي شوٽنگ في الحال ملتوي ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته رنوير سنگهھ جي ڊان 3 ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار بابت في الحال رنوير يا فلم جي پروڊيوسر طرفان ڪو به بيان سامهون ناهي آيو.
You might also like