”ڪراچي کي پاڪستان جو سڀ کان ترقي يافتا شهر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اسان ڪراچي کي پاڪستان جو سڀ کان ترقي يافتا شهر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون، ڪراچي جي روڊن ۽ ٽريفڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ 194 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي جي ترقي لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري رهيا آهيون، شهر جي ترقي سنڌ جي پهرين ترجيح آهي، ڪراچي جي بنيادي ڍانچي، تعليم، صحت ۽ ٻين اهم شعبن تي سنڌ حڪومت طرفان ڪم جاري آهي.
هن چيو ته ٽريفڪ نظام جي بهتري لاءِ شاهراهه ڀٽو، ملير ندي پُل، مختلف انڊز پاسز ۽ فلاءِ اوورز تي ڪم جاري آهي، منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽجندو.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي اهم منصوبن تي ڪم مارچ تائين شروع ٿي ويندو، ڪم جي معيار ۽ وقت جي پابندي کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.