اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير حنيف عباسي ريل گاڏين ۾ ڪيمرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
هن پاڪستان ريلوي جي 2025 جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته ريلوي هلندڙ سال 93 ارب رپين کان وڌيڪ جو روينيو حاصل ڪيو آهي، جڏهن ته مالي سال 26-2025 جي پهرين 6 مهينن ۾ 50 ارب رپيا آمدني جو امڪان آهي.
سندس چوڻ هو ته سال جي پڄاڻي تي پاڪستان ريلوي پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ کرب رپيا آمدني جو اعزاز حاصل ڪندو.
حنيف عباسي چيو ته سيفٽي ڊپارٽمينٽ کي ڊائريڪٽوريٽ جو درجو ڏنو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ريلوي حادثن ۾ گهٽتائي آئي آهي، حادثن جي شرح 0.09 سيڪڙو مان گهٽجي 0.04 سيڪڙو رهجي وئي آهي، جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ جي قيام کانپوءِ ڪو سنگين نوعيت جو حادثو پيش ناهي آيو.
هن چيو ته راولپنڊي کي ملڪ جي اهڙي پهرين سمارٽ ريلوي اسٽيشن بڻايو ويو آهي، جتي ڪيمرائون ۽ جديد سيڪيورٽي سسٽم آهي، 2026 ۾ ٻين وڏين اسٽيشنز کي به سمارٽ بڻايو ويندو، جڏهن ته ٽرينن ۾ به ڪيمرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ٽرينن ۾ ڪيمرائون لڳائڻ جو فيصلو، ريلوي جي آمدني پهريون ڀيرو هڪ کرب تائين پهچڻ جي اميد
You might also like