ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ پوليس ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت وڏين ڪاميابيون ماڻيون آهن ۽ هاڻ ڏوهارين وٽ ٻه ئي رستا آهن، يا ته سرينڊر ڪن يا وري انجام تي پهچن.
سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته 15 ڊسمبر تي گهوٽڪي جي بارڊر ايريا ۾ صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ ڪوچ جي 14 مسافرن کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن تي سنڌ پوليس فوري طور ڪارروائي ڪندي رينجرز ۽ پنجاب حڪومت جي سهڪار سان گڏيل آپريشن ذريعي سڀني بغوين کي حفاظت سان بازياب ڪرايو، جڏهن ته هڪ ڄڻو اغوا دوران دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
هن چيو ته آپريشن دوران ڌاڙيلن جا ڪيترائي ڳجها ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا ۽ ڪيترائي خطرناڪ جوابدار ماريا ويا، ڌاڙيلن جي قبضي مان جديد هٿيار به برآمد ٿيا.
ڪراچي ۾ ڀتي خوري بابت ضياءُ الحسن لنجار چيو ته 5 وڏا نيٽ ورڪ ٻاهرئين ملڪ کان سرگرم هئا، جن خلاف ڪارروائي ۾ 32 جوابدار گرفتار، 7 زخمي ۽ هڪ مارجي ويو.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڀتي خوري جي نيٽ ورڪس خلاف قانوني دائري ۾ رهندي ڀرپور ڪارروائيون جاري آهن ۽ سنڌ ۾ ڏوهارين لاءِ ڪا جاءِ ناهي.
هٿيار ڦٽا ڪيو يا وري انجام تي پهچو: ضياءُ الحسن لنجار جي ڌاڙيلن کي آخري تنبيهه
You might also like