ميچ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگر تي 12 سال پابندي ۽ ڏنڊ لاڳو

چين جي ٽينس رانديگر پينگ رين لانگ مٿان ميچ فڪسنگ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 12 سال جي پابندي ۽ 1 لک 10 هزار ڊالر جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
انٽرنيشنل ٽينس انٽيگريٽي ايجنسي (آءِ ٽي آءِ اي) تصديق ڪئي آهي ته 25 ورهين جي رانديگر هيٺين سطح واري ايونٽ دوران پنهنجي پنج ميچن ۾ فڪسنگ اعتراف ڪيو.
ان کانسواءِ پينگ رين وڌيڪ 11 ميچن ۾ ٻين رانديگرن کي آڇ جو به اعتراف ڪيو، جنهن ۾ ڇهه ميچ فڪس هئا.
واضح رهي ته ميچ فڪسنگ جون سرگرميون 2024 ۾ مئي کان سيپٽمبر تائين ٿيون، جن ۾ ترڪي، هانگ ڪانگ ۽ چين ۾ ٿيندڙ ڪيئي آءِ ٽي ايف ٽورنامنٽ شامل هئا.
ٻئي پاسي انٽرنيشنل ٽينس انٽيگريٽي ايجنسي طرفان ڪهڙيون ميچون فڪس ٿيون ان بابت تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.