ٿڌي پاڻي سان وهنجڻ ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ تازگي ۽ چستي جو سبب بڻجي سگهي ٿو پر ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اهو عمل بلڊ پريشر ۾ اوچتو واڌ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.
ٿڌي پاڻي جي اثر سان رت جون ناليون سوڙهيون ٿي وينديون آهن، جنهن سان دل جي واڌو بار پوندو آهي، خاص طور تي انهن ماڻهن ۾ جيڪي هاءِ بلڊ پريشر جا مريض يا دل جي بيمارين ۾ مبتلا هجن.
انٽرنيشنل جرنل آف انوائرنمينٽل ريسرچ اينڊ پبلڪ هيلٿ ۾ ڇپيل هڪ تحقيق موجب ٿڌ جا اثر صحتمند ماڻهن ۾ به بلڊ پريشر ۽ رت جي نالين تي دٻاءُ وڌائي سگهن ٿا، جڏهن ته حساس ماڻهن ۾ اهو خطرو وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته توڙي جو جسم وقت سان هلڪي ٿڌ جو عادي ٿي سگهي ٿو پر اوچتو سڄي جسم کي ٿڌي پاڻي ۾ وجهڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، احتياط طور پاڻي هلڪو گرم ڪرڻ گهرجي، علامتن تي نظر رکجي.
You might also like