ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته دنيا ڄاڻي ٿي 27هين ترميم هڪ طرفي طور آندي وئي، اسان کي آئين کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ گورنر ڪامران ٽيسوري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي 70 سالن جي افغان پاليسي کي ڊسڪس ڪرڻ گهرجي، پنهنجي افغان پاليسي تي به غور ڪرڻ گهرجي، ڇو ڪا به افغان حڪومت ڪڏهن پاڪستان جي دوست ناهي رهي، پنهنجي اندر ۾ به جهاتي پائڻ گهرجي ته ڪٿي ناڪامي اسان جي پنهنجي ته ناهي.
هن چيو ته دفاعي حوالي سان پاڪستان جي پوزيشن بهتر ٿي آهي ۽ ان کي برقرار رکڻ گهرجي، اسان پاڪستان جي طاقتور دفاع جي آجيان ڪيون ٿا اسان دفاعي قوت کي دفاعي لحاظ سان مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا سياسي قوت طور نه، سياسي قوت طور مضبوط هجڻ دفاعي قوتن جو نه عوام ۽ سياستدانن جو حق آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي ڪنهن اهڙي فورس جو حصو نه بڻجڻ گهرجي، جنهن جو نشانو فلسطين جا ماڻهو هجن، پاڪستان ڪنهن به طور تي غزا ۾ فوج نه موڪلي ۽ ڪنهن به امن فورس جو حصو نه بڻجي.
دفاعي قوت کي دفاع جي اعتبار سان مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا سياسي قوت طور نه: مولانا فضل الرحمان
Prev Post
You might also like