لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت جي هائير ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ صوبي جي سرڪاري ۽ نجي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪاليج ۽ يونيورسٽيون 23 ڊسمبر 2025 کان 10 جنوري 2026 تائين بند رهنديون، تعليمي سرگرميون 12 جنوري 2026 کان ٻيهر شروع ٿينديون ۽ سموريون ڪلاسون معمول موجب جاري رهنديون.
نوٽيفڪيشن ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته بي ايس 4 سالن جا پروگرام ۽ سمورا امتحان لاڳاپيل بورڊن ۽ يونيورسٽين جي شيڊيول موجب جاري رهندا.
You might also like