ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف ميٽرولاجسٽ سنڌ امير حيدر چيو آهي ته سڀاڻي کان ڪراچي جو گرمي پد ڪِرڻ شروع ٿي ويندو، جڏهن ته جنوري تائين شهر ۾ برسات جو ڪو امڪان ناهي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي امير حيدر چيو ته ڪراچي ۾ ڪالهه ڪوهيڙو عام ڳالهه هئي، هوا جي رفتار نه هئي، تنهن ڪري گهم زمين تي فوگ جي صورت ۾ اچي وئي.
هن چيو ته ايندڙ 10 ڏينهن تائين ڪراچي ۾ فوگ جي ڪا صورتحال ناهي، اڄ ڪراچي جو گرمي پد 14 ڊگري آهي، سڀاڻي 12 تائين ڪِري سگهي ٿو ۽ 21 ڊسمبر تائين گرمي پد 14 کان 12 جي وچ ۾ رهندو.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ موسم خوشگوار، جڏهن ته جنوري جا ٻه هفتا ٿڌا هوندا.
Next Post
You might also like