سام سنگ اليڪٽرانڪس جو ٽي ڀيرا فولڊ ٿيندڙ جديد سمارٽ فون گليڪسي زيڊ ٽرائي فولڊ گڏيل عرب امارتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آن لائن ۽ آف لائن ٻنهي پليٽ فارمن تي وڪرو ٿي ويو.
سام سنگ جي مداحن موجب جيئن ئي هي فون يو اي اي جي مارڪيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، خريدارن طرفان غير معمولي دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي ۽ پهريون اسٽاڪ پهرين ئي ڏينهن مڪمل طور تي وڪرو ٿي ويو.
گليڪسي زيڊ ٽرائي فولڊ جي قيمت گڏيل عرب امارتن ۾ 11،999 درهم مقرر ڪئي وئي آهي، انتهائي مهانگي هجڻ باوجود وڏي انگ ۾ ماڻهن هن منفرد ڊيوائس خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري.
هن وقت فون کي ”آئوٽ آف اسٽاڪ“ قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سام سنگ طرفان وڪرو ٿيل يونٽن جو انگ ظاهر نه ڪيو ويو آهي.
سام سنگ جو پهريون ٽرائي فولڊ فون 16 جي بي ريم ۽ 512 جي بي اسٽوريج سان ڪرافٽڊ بليڪ رنگ ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، فون ۾ جديد پروسيسر لڳل آهي، جڏهن ته ان جي ٽرپل ڪيمرا سيٽ اپ ۾ 200 ميگا پڪسل مين ڪيمرا شامل آهي.
ڊيوائس جي ڪور اسڪرين 6.5 انچ آهي، جيڪا گليڪسي زيڊ فولڊ 7 جي برابر آهي، جڏهن ته مڪمل طور کُلڻ تي هي فون 10 انچ جي وڏي اسڪرين ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
فون ۾ 5600mAh بيٽري ڏنل آهي، جيڪا 25 واٽ فاسٽ وائرڊ چارجنگ کي سپورٽ ڪري ٿي.
واضح رهي ته سام سنگ هن مهيني جي شروعات ۾ پنهنجو پهريون ٽرائي فولڊ فون متعارف ڪرايو هو، ان جو پهريون وڪرو 12 ڊسمبر تي ڏکڻ ڪوريا ۾ شروع ٿيو، جنهن کان پوءِ مرحليوار ٻين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.
ڪمپني جلد هن فون کي آمريڪا ۾ پڻ لانچ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جڏهن ته هن وقت هي ڊيوائس رڳو ڏکڻ ڪوريا ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ دستياب آهي.
خريدارن جي رش، سام سنگ ٽرائي فولڊ جو پهريون اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ايندي ئي کپي ويو
Next Post
You might also like