شهرين لاءِ خوشخبري، نادرا شام جي شفٽ به شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ڪراچي جي شهرين جي سهولت لاءِ خدمتن جي فراهمي ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.
نادرا انتظاميا ڪراچي جي شهرين جي ڀرپور سهولت لاءِ شاهراهه قائدين ۽ ملير ۾ شام جي شفٽ به شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
نادرا رجسٽريشن سينٽر شاهراهه قائدين ۾ 22 ڊسمبر 2025 سومر کان شام جي شفٽ جي به باقاعدي شروعات ٿي رهي آهي.
نادرا رجسٽريشن سينٽر ۾ صبح 8 کان منجهند 3 وڳي تائين شهرين کي خدمتن جي فراهمي بنا وقفي جاري رهندي، جڏهن ته ٻي شفٽ ۾ منجهند 3 وڳي کان رات 10 وڳي تائين شهرين کي خدمتون جاري رهنديون.
ان کانسواءِ نادرا رجسٽريشن سينٽر ملير به سومر 22 ڊسمبر کان شام جي شفٽ جي شروعات ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.