ڇڪن ۽ چوڪن جي برسات، سمير منهاس ڀارت خلاف ميچ ۾ تاريخ لکي ڇڏي

دبئي (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستاني اوپنر سمير منهاس شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري تاريخ لکي ڇڏي.
دبئي ۾ جاري ميچ ۾ سمير منهاس ڀارتي بالرن کي ڀرپور ڪٽڪو ڏيندي ڇڪن چوڪن جي برسات ڪري ڇڏي.
سمير منهاس 113 بالن تي 172 رنسن جي طوفاني اننگز کيڏي، جنهن دوران هن 17 چوڪا ۽ 9 ڇڪا هنيا.
سمير منهاس بائونڊريز ذريعي سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پاڪستاني انڊر 19 بيٽر بڻجي ويو، هن 172 رنسن جي اننگز ۾ 122 رنسون بائونڊريز لڳائي ٺاهيون.
ان کان اڳ بائونڊريز ذريعي سڀ کان وڌيڪ رنسن جو رڪارڊ شمائل حسن وٽ هو، جنهن 2023 ۾ سريلنڪا انڊر 19 خلاف 150 رنسن جي اننگز کيڏي هئي، جنهن ۾ 94 رنسون بائونڊريز ذريعي ٺاهيون هيون، شمائل پنهنجي اننگز ۾ 13 چوڪا ۽ 7 ڇڪا هنيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.