ڇا اهڪ اڇو وار پٽڻ سان ٻيا وار به اڇا ٿي ويندا آهن؟ ماهرن کان ڄاڻيو

عمر وڌڻ سان وارَ اڇا ٿيڻ به شروع ٿي ويندا آهن پر ڪيترن ئي ماڻهن ۾ اهو خوف به هوندو آهي ته هڪ اڇو وار پٽڻ سان ٻيا وارَ به اڇا ٿي ويندا پر ڇا اهو سچ آهي؟ ڇا هڪ اڇو وار پٽڻ سان ٻيا وار اڇا ٿيڻ ۾ تيزي ايندي آهي؟
ان سوال جو جواب جلدي مرضن جي ماهر ڊاڪٽر شيوانگي راڻا انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪري ڏنو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته جڏهن اڇي وار کي پٽيو ويندو آهي ته حقيقت ۾ ڇا ٿيندو آهي.
ڊاڪٽر شيوانگي راڻا چيو ته اهو هڪ افسانو آهي ته اڇو وار پٽڻ سان ٻيا وار به اڇا ٿي ويندا آهن، ان جو ڪو سائنسي بنياد ناهي.
هن ٻڌايو ته هر وار آزاداڻي طور ڪم ڪندو آهي ۽ ڀرپاسي جي وارن جي فولڪس جي سرگرمي سان متاثر ناهي ٿيندو، ان جو مطلب آهي ته جڏهن هڪ اڇي وار کي هٽايو وڃي ته ڀرپاسي جي وارن جي فولڪس کي ٻيا اڇا وار پيدا ڪرڻ لاءِ طاقت ناهي ملندي پر مطالعي سان خبر پئي ٿي ته هر هر وار پٽڻ سان ٻيا نقصان ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.