ٻه نمبري ۾ ڀارتي ايٿليٽس جو مسلسل ٻئي سال دنيا ۾ پهريون نمبر

ورلڊ اينٽي ڊوپنگ ايجنسي (واڊا) جي سالياني رپورٽ موجب، ڀارتي ايٿليٽس مثبت ڊوپنگ ٽيسٽن ۾ دنيا ۾ سرفهرست رهيا آهن.
واڊا طرفان 2024ع دوران سڄي دنيا ٿيل ڊوپنگ ٽيسٽن جون رپورٽون جاري ڪيون ويون آهن، جنهن موجب مختلف راندين ۾ مثبت ڊوپنگ ٽيسٽن وارن ايٿليٽس ۾ ڀارت جو مسلسل ٽئين سال به پهريون نمبر رهيو .
رپورٽ موجب، ڀارت جي اينٽي ڊوپنگ ايجنسي 7113 ڊوپنگ ٽيسٽ ڪيا، جن مان 260 مثبت نڪتا.
2024 جي فهرست ۾ فرانس 91 مثبت ڊوپنگ ٽيسٽن سان ٻئي نمبر تي جڏهن ته اٽلي 85 مثبت ڪيسن سان ٽئين نمبر تي رهيو.
واڊا جي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته 2024 دوران پاڪستان ۾ 13 مثبت ڊوپنگ ٽيسٽ رپورٽ ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.