رابي پيرزادا نڪاح ڪري ورتو

اڳوڻي گلوڪارا ۽ اداڪارا رابي پيرزادا پنهنجي زندگي جي نئين سفر جي شروعات ڪري ڇڏي.
هڪ وڏي تڪرار کانپوءِ رابي پيرزادا شوبز ڇڏي اسلام جي رستي تي هلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان تبديلي کانپوءِ هن پوئتي مڙي نه ڏٺو.
هاڻ رابي پنهنجي زندگي جي هڪ نئين خوبصورت بابت ۾ داخل ٿي وئي آهي، هن نڪاح ڪري ورتو آهي.
رابي پيرزادا جي نڪاح جي تقريب سادگي ۽ رازداري سان منعقد ڪئي وئي، جنهن جون جهلڪيون هن پاڻ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيون.
توڙي جو رابي شريڪ حيات جي ڪا تصوير شيئر نه ڪئي پر هن پنهنجي گهر ڀاتين ۽ مٽن مائٽن سان گهاريل ڪجهه يادگار لمحا مداحن سان شيئر ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.