اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ۾ حقدار خواتين لاءِ سوشل پروٽيڪشن والٽ ۽ مفت سم حاصل ڪرڻ بابت اهم پيغام جاري ڪيو ويو آهي.
بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هڪ نئون ۽ محفوظ ادائيگي نظام متعارف ڪرائي رهيو آهي.
هن چيو ته پنهنجو ڊجيٽل والٽ اڪائونٽ کولڻ لاءِ ويجهي بي آءِ ايس پي آفيس يا ڪيمپ سائيٽ تان مفت سم حاصل ڪريو ۽ بائيو ميٽرڪ تصديق کانپوءِ اِها ئي سم توهان جو والٽ اڪائونٽ بڻجي ويندي.
هن واضح ڪيو ته ڪنهن کي به پئسا نه ڏيو ۽ صرف بي آءِ ايس پي عملي کان ئي والٽ اڪائونٽ فعال ڪرايو.
واضح رهي ته بينيفشريز لاءِ هڪ ڪروڙ سوشل پروٽيڪشن والٽ کوليا پيا وڃن، جنهن تحت بينيفشريز کي مفت سمون فراهم ڪيون پيون وڃن.
You might also like