روجهاڻ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ بي زبان جانورن تي ظلم جي واقعن ۾ واڌ ڏٺي پئي وڃي، تازو بلوچستان جي علائقي روجهاڻ جمالي ۾ هڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ ٻئي اُٺ جي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي.
بااثر زميندار جنهن اُٺ جي ڄنگهه ڀڳي، ان جو ڏوهه رڳو ايترو هو ته اهو بي سمجهه جانور سندس ٻنيءَ ۾ داخل ٿيو هو.
جوابدار اٺ کي اتان ڀڄائڻ بدران ڪاوڙ ۾ اچي ڪهاڙين جا وار ڪري ان جي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي.
ظلم جو اهو داستان جڏهن سوشل ميڊيا تي تصويرن جي صورت ۾ وائرل ٿيو ته پوليس کي هوش آيو ۽ واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.
You might also like