ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي چيو آهي ته عمران خان پاڪ فوج سان سڌي جنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.
نجي ٽي وي چينل سان گفتگو دوران شرميلا فاروقي ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته سياسي منظرنامي ۾ هر ڪو لمحو ڪا نه ڪا تبديلي آڻي رهيو آهي ۽ ملڪي معيشت سميت مختلف معاملن تي خبرون اينديون رهن ٿيون.
هن عمران خان جي سخت رويي تي تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان سڌي ريت فوج جي سربراهه کي ٽارگيٽ ڪندو آهي، هن پاڪ فوج سان سڌي جنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.
سندس چوڻ هو ته دٻيل لفظن يا اشارن ۾ ڳالهائڻ ٻي ڳالهه آهي پر هتي ته جنگ جو اعلان ڪيو ويو آهي، عمران خان ٽوئيٽ ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪيا، اهي مان ورجائي به نٿي سگهان.
شرميلا فاروقي چيو ته عمران خان کي جيل ۾ سڀ سهولتون آهن، ان جي گهر ڀاتين سان ملاقات نه ٿيڻ قومي مسئلو ناهي، قومي مسئلو عام ماڻهو کي رليف هجڻ گهرجي.
You might also like