اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر چيو آهي ته ايگزم بينڪ ٻه طرفي ڀائيواري تحت بلوچستان ۾ ريڪوڊڪ منصوبي تي 1.25 ارب ڊالر سيڙپڪاري ڪندي، جنهن سان آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ هزارين ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملي سگهندا.
اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان ايڪس تي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر چيو ته آمريڪي ايڪسپورٽ امپورٽ بينڪ تازو ئي پاڪستان ۾ ريڪوڊڪ منصوبي ۾ کاڻ کڻڻ ۽ اهم معدنيات جي سهڪار لاءِ 1.25 ارب ڊالر مالي سرمائي جي فراهمي جي منظوري ڏني آهي.
هن چيو ته ايندڙ سالن دوران ايگزم بينڪ جي مالي سهڪار هيٺ ريڪوڊڪ کاڻ جي اڏاوت ۽ انتظام لاءِ ٻه ارب ڊالر جي اعليٰ معيار واري آمريڪي معدنيات جو سامان ۽ ضروري خدمتون پاڪستان کي فراهم ڪيون وينديون.
نيٽلي بيڪر ٻڌايو ته ان منصوبي تحت اندازي موجب آمريڪا ۾ 6 هزار ۽ بلوچستان، پاڪستان ۾ 7 هزار 500 روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته ريڪوڊڪ منصوبو کاڻ کڻڻ لاءِ هڪ ماڊل پراجيڪٽ هوندو، جيڪو آمريڪي ايڪسپورٽرز سان گڏوگڏ پاڪستان جي مقامي ڪميونٽيز ۽ ڀائيوارن لاءِ روزگار جا فائدا پيدا ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي خوشحالي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.
آمريڪي ناظم الامور چيو ته ٽرمپ انتظاميه اهڙن ئي معاهدن کي آمريڪي سفارتڪاري جو بنيادي حصو بڻايو آهي ۽ اسان آمريڪي ڪمپنين ۽ پاڪستان وچ ۾ معدنيات جي شعبي ۾ وڌيڪ معاهدن لاءِ پرعزم آهيون.
آمريڪا جو پاڪستان ۾ 1.25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان، هزارين ماڻهن کي روزگار ملندو
You might also like