ڪنگ بابر اعظم ۽ فاسٽ بالر شاهين آفريدي بِگ بيش ليگ لاءِ آسٽريليا پهچي ويا

سڊني (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ۽ موجوده ڪپتان بابر اعظم ۽ شاهين آفريدي بِگ بيش ليگ لاءِ آسٽريليا پهچي ويا آهن.
بابر اعظم لنڊن روڊ شو ۾ شرڪت کانپوءِ آسٽريليا روانو ٿيو، جتي هن پنهنجي ٽيم سڊني سڪسرز کي جوائن ڪري ورتو آهي. قومي ون ڊي ٽيم جو ڪپتان شاهين آفريدي پڻ پنهنجي ٽيم برسبين هٽ سان شامل ٿي ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻو ڪپتان محمد رضوان پهريان ئي ميلبورن جي ٽيم کي جوائن ڪري چڪو آهي.
پاڪستان جا ڪيترائي رانديگر هن سال بِگ بيش ليگ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا،ميگا ايونٽ جا مقابلا 14 ڊسمبر کان شروع ٿيندا.
ياد رهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي ليگ لاءِ 14 ڊسمبر کان 28 جنوري تائين اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.
اين او سي حاصل ڪندڙ رانديگرن ۾ بابر اعظم، محمد رضوان، شاهين آفريدي، حارث رؤف، شاداب خان ۽ حسن علي شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.