رانچو، راجو ۽ فرحان جي واپسي؟ ٿري ايڊيٽس جي ٻئي حصي بابت وڏي خبر اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم ”ٿري ايڊيٽس“ ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي
اٽڪل 16 سال راجڪمار هيراڻي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ هي فلم ڏسندڙن جي ذهنن تي گهرو اثر ڇڏيو، جنهن کي فلمي شوقينن ۽ نقادن ٻنهي طرفان تمام گهڻو ساراهيو ويو.
هاڻي ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب، فلمساز ساڳئي ڪاسٽ سان سيڪول ٺاهڻ جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڀارتي ويب سائيٽ ”پنڪ ولا“ جي ذريعن موجب، فلم جي ڪهاڻي تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ سموري ٽيم پرجوش آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، فلم جي نئين پارٽ جي ڪهاڻي اُتان کان شروع ٿيندي جتان پهريون پارٽ ختم ٿيو هو.
واضح رهي ته 2009ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم بالي ووڊ جي سڀ کان مشهور ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ فلمن مان هڪ آهي.
جيتوڻيڪ ”ٿري ايڊيٽس ٽو“ جو باضابطا اعلان اڃا نه ٿيو آهي، پر ان خبر سوشل ميڊيا تي ڌوم مچائي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.