پي ايس ايل کي دنيا جي نمبر ون ليگ بڻائڻ چاهيان ٿو، لنڊن کانپوءِ نيويارڪ وينداسين: نقوي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان سپر ليگ( پي ايس ايل ) جو لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ روڊ شو ٿي گذريو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته پي سي بي ۽ پي ايس ايل انتظاميا گڏجي ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پي ايس ايل کي دنيا جي نمبر ون ليگ بڻائڻ چاهيون ٿا ۽ اسان جي قومي ڪرڪيٽرن ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي.
محسن نقوي چيو ته مون لاءِ پاڪستان سڀ کان پهرين آهي، پي ايس ايل ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي جهجهو فائدو حاصل ٿئي ٿو، پي ايس ايل ۾ نئين بڊ شفاف ۽ کليل هوندي، اسلام آباد ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ٺاهڻ جو منصوبو آهي، هر اسٽيڊيم ۾ شوقينن لاءِ موسيقي جو ڪانسرٽ پڻ ٿيندو ۽ اسان آمريڪا جي نيويارڪ شهر ۾ به ڪرڪيٽ روڊ شو ڪرڻ وارا آهيون، جلد ئي او ٽي ٽي پليٽ فارم به فراهم ڪيو ويندو.
اڳوڻي ڪرڪيٽر وسيم اڪرم چيو ته پي ايس ايل مقامي ٽيلنٽ کي موقعا ڏئي رهي آهي، پي ايس ايل پاڪستان جي شوقينن لاءِ بهترين تفريح فراهم ڪري رهي آهي، ۽ پي ايس ايل جي ڪاميابي ۾ سڀني جي محنت شامل آهي.
رميز راجا جو چوڻ هو ته پي ايس ايل پاڪستان ڪرڪيٽ کي هٿي ڏئي رهي آهي ۽ نوجوان ڪرڪيٽرن کي عالمي سطح جي ڪرڪيٽرن سان کيڏڻ جو موقعو ملي ٿو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم چيو ته وڏن رانديگرن سدائين منهنجي سٺي رهنمائي ڪئي، سينيئر رانديگر پنهنجو پاڻ ۾ هڪ اڪيڊمي جي حيثيت رکن ٿا، نوجوان رانديگرن کي پنهنجي تجربي کان آگاهه ڪندو آهيان، پي ايس ايل جي ڪاميابي پاڪستان ڪرڪيٽ جي وڏي فتح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.