پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبائي حڪومت جيڪڏهن رياست کي سپورٽ ڪري ٿي ته ٺيڪ نه ته مجبوري ۾ گورنر راڄ لڳندو.
صحافين سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي جلسي جو مقصد ڪهڙو هو علم ناهي، صوبي جون حالتون جڏهن خراب ٿي وڃن ته پوءِ گورنر راڄ لڳي سگهي ٿو، صوبائي حڪومت جيڪڏهن رياست کي سپورٽ ڪري ٿي ته پوءِ ٺيڪ آهي نه ته مجبوري ۾ گورنر راڄ لڳندو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ کي احتجاج سان ڪجهه نه ملندو، هن ڀيري پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ احتجاج نه ڪري سگهندي، فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي، روڊن تي ڪو فيصلو نه ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته جيل وڃڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پاڪستان جي هر سياسي شخصيت جيل وئي آهي.
You might also like