لاهور (ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي پنجاب لاهور، فيصل آباد ۽ بهاولپور مان ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ سان واسطي جي الزام ۾ 12 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.
سي ٽي ڊي پنجاب موجب گرفتار دهشتگردن وٽان هٿيار، بارودي مواد ۽ ڊيٽونيٽر برآمد ٿيا، را جي دهشتگردن وٽان حساس ڄاڻ، حساس ادارن جون تصويرون ۽ وڊيوز به برآمد ٿيون.
سي ٽي ڊي ترجمان ٻڌايو ته دهشتگردن وٽان هڪ مدرسي ۽ هڪ ميلي جون تصويرون، وڊيوز ۽ لوڪيشن به برآمد ٿي.
ترجمان موجب لاهور مان دهشتگرد سک ديپ سنگهه، عظمت، فيضان، نبيل، ابرار، عثمان ۽ سرفراز کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته فيصل آباد مان دهشتگرد دانش ۽ بهاولپور مان گرفتار دهشتگردن ۾ رجب، هاشم، ثاقب ۽ عارف شامل آهن.
ترجمان ٻڌايو ته عادل نالي جي ڀارت مان آپريٽ فيس بُڪ آءِ ڊي جي مدد سان دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، سک ديپ سنگهه پيدائشي عيسائي هو، جنهن ڪجهه عرصو اڳ پنهنجو مذهب تبديل ڪيو.
ترجمان موجب دهشتگردن کي ڀارتي ايجنسي را مان وڏي فنڊنگ به ٿيندي هئي، ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like