ڊونلڊ ٽرمپ کي امن ايوارڊ سان نوازيو ويو

زيورخ (ويب ڊيسڪ) فيفا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو.
فيفا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ورلڊ ڪپ 2026 جي ڊرا تقريب دوران نئون فيفا پيس پرائز ڏنو، جنهن سان تقريب جي اهميت وڌي وئي.
ٽرمپ ماضي ۾ نوبيل امن انعام جي خواهش ظاهر ڪري چڪو آهي ۽ فيفا جو صدر جياني انفانٽينو به اها راءِ رکي ٿو ته کيس جنگبندي جي ڪوششن تي عالمي اعزاز ملڻ گهرجي ها.
تقريب ۾ پهچندي ئي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مون کي اهو ايوارڊ ملڻ جو يقين نه هو پر منهنجي ترجيح ماڻهن جون زندگيون بچائڻ آهي اعزاز وٺڻ نه.
فيفا موجب هي ايوارڊ انهن شخصيتن لاءِ آهي، جيڪي عالمي امن لاءِ غير معمولي ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن کي متحد ڪنديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.