ڪعبت الله خلا مان نڪتل تصوير ۾ هيري جيان چمڪندي نظر آيو، دنيا حيران

خلا مان ورتل مڪي پاڪ جي تصوير ۾ ڪعبت الله هيري جيان چمڪندي نظر آيو، جنهن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.
هلندڙ سال خلا جي 220 ڏينهن جي دوري تان واپس ايندڙ ناسا جي سائنسدان ۽ فوٽوگرافر ڊونلڊ پيٽٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي تصوير شيئر ڪئي، جيڪا سڄي دنيا ۾ وائرل ٿي وئي آهي.
هن لکيو ته مڪي پاڪ جي مدار مان ورتل تصويرن ۾ مرڪز ۾ روشن نڪتو ڪعبت الله آهي، اسلام جو مقدس ترين هنڌ جيڪو خلا مان به واضح طور تي نظر ايندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.