اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽَر گوهر چيو آهي ته عمران خان سان انهن جي ڀينرن جي ملاقات تي سياست نه ڪئي وڃي، سڀني کان اپيل آهي ته جذبات ۾ نه آيا وڃن. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽَر گوهر پارليمنٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٻن سالن کان عمران خان سان ملاقاتن تي ڪيترائي ڀيرا پابنديون لڳايون ويون، ڪجهه ماڻهن غير ذميوارانه بيان ڏنا آهن، جن جي هو مذمت ڪن ٿا. هن چيو ته اختيارن کان گذارش آهي ته خان صاحب جي ڀينرن سان ملاقات روڪي نه وڃي، عمران خان ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت جا ليڊر آهن، انهن سان ملاقات ۾ سياسي ڳالهيون ٿينديون، اهي ملڪ بابت سوال ڪندا، اسان ملڪ بابت جواب ڏينداسين.بيرسٽَر گوهر وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقاتن تي پابندي لڳائڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي خلافي ورزي آهي، اسان آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکون ٿا ۽ اسان پنهنجن قانوني جدوجهد کي جاري رکندا.