پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ جو بيان تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيو:خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو) دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ ڀارتي ميڊيا سان جيڪا ڳالهه ٻولهه  ئي، اها تابوت ۾ آخري  ڪوڪو ثابت ٿي آهي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آئي جا ماڻهو طالبان کي ڀتو ڏين ٿا، هن وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آئي هميشه سياستدانن سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪندا رهيو، ۽ پي ٽي آئي جو جيڪو به ماڻهو پاڪستان خلاف ڳالهائيندو آهي، پارٽي ڪڏهن به ان جي مذمت نٿي ڪري، نواز شريف ماضي ۾ جيڪي به انٽرويو ڀارتي ميڊيا کي ڏنا، انهن ۾ ڪڏهن به پاڪستان جي وجود ۽ سالميت خلاف ڪا ڳالهه نه هئي، ن ليگ ۽ پ پ ڪڏهن به 9 مئي وانگر ڪو عمل نه ڪيو، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ کي ڦاهي ڏني وئي، پوءِ به هنن اهڙي نوعيت جو واقعو نه ڪيو،محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي، پر پيپلزپارٽي ڪڏهن به هندستان کي سڏ نه ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.