30 کان وڌيڪ ملڪن جي شهرين مٿان آمريڪا ۾ داخلا تي بندش

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي هوم لينڊ سيڪيورٽي سيڪريٽري ڪرسٽي نوئم چيو آهي ته آمريڪا پنهنجي سفري پابندي ۾ شامل ملڪن جو انگ 30 کان وڌيڪ تائين وڌائڻ واري منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪرسٽي نوئم کان فاڪس نيوز جي پروگرام ” دي انگراهم اينگل“ ۾ پڇيو ويو ته ڇا ٽرمپ انتظاميا سفري پابندي جي فهرست ۾ شامل ملڪن جو انگ 32 تائين وڌائي رهي آهي؟
جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ” مان مخصوص نمبر نه ٻڌائينديس، پر فهرست ۾ شامل ملڪن جو انگ 30 کان وڌيڪ آهي ۽ صدر انهن ملڪن جو جائزو وٺي رهيو آهي. “
واضح رهي ته هلندڙ سال جون ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ پڌرائي تي صحيح ڪئي هئي، جنهن تحت 12 ملڪن جي شهرين تي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي، جڏهن ته 7 ٻين ملڪن جي شهرين تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون هيون.
ٽرمپ انتظاميا طرفان پابنديون پرڏيهي دهشتگردن ۽ ٻين سيڪيورٽي خدشن کان بچاءُ لاءِ ضروري قرار ڏنيون ويون هيون ۽ اهي پابنديون غير پناهگيرن ۽ پناهگيرن تي لاڳو ٿين ٿيون، جن ۾ سياح، شاگرد ۽ ڪاروباري مسافر شامل آهن.
ڪرسٽي نوئم اِهو واضح ناهي ڪيو ته ڪيو ته ڪهڙا ملڪ فهرست ۾ شامل ڪيا ويندا پر هن چيو ته ” جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ مستحڪم حڪومت ناهي، اهو ملڪ پنهنجي شهرين جي سڃاڻپ جي تصديق نٿو ڪري ۽ اسان جي جاچ ۾ سهڪار نٿو ڪري ته پوءِ اسان اهڙن ملڪن جي شهرين کي آمريڪا اچڻ جي اجازت ڇو ڏيون؟“
ياد رهي ته ان کان اڳ هوم لينڊ سيڪيورٽي جي اندروني رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ٽرمپ انتظاميا 36 وڌيڪ ملڪن جي شهرين تي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائڻ تي غور ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.