خيبر پختونخوا ڪابينا نوَ مئي وارا ڪيس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ڪابينا نوَ مئي وارا ڪيس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
خيبرپختونخوا جي ايڊووڪيٽ جنرل شاهه فيصل اتمان خيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صوبائي ڪابينا اجلاس ۾ نوَ مئي ڪيسز جي خاتمي جي منظوري ڏني وئي آهي.
هن چيو ته نوَ مئي جي 51 ڪيسن ۾ رياست ڪابينا جي منظوري تي دستبردار ٿيندي، ان کانسواءِ نوَ مئي جي واقعن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي.
ايڊووڪيٽ جنرل جو چوڻ هو ته اڄ ڪابينا اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وڏي وزير مون کي خاص طور تي طلب ڪيو هو.
سرڪاري ذريعن موجب، اسيمبلي ميمبرن کي ڪيسن ۾ سزا جي صورت ۾ نااهلي جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.