عائزا خان ڪاسميٽڪ سرجري کانپوءِ ”مائيڪل جيڪسن“ قرار

ناليواري اداڪارا عائزا خان خوبصورتي ۾ واڌ لاءِ ڪاسميٽڪ سرجري ڪرائي آهي، جنهن تي مداح مليل جليل ردعمل جو اظهار ڪري رهيا آهن.
عائزا خان اڄڪلهه پنهنجي فيملي ۽ دوستن سان گڏ يورپ ۾ تفريح لاءِ موجود آهي، هن انسٽاگرام تي پنهنجون نيون تصويرون شيئر ڪيون ته مداحن نوٽ ڪيو ته اداڪارا ڪاسميٽڪ سرجري ڪرائي آهي.
مداحن تبديليون ڏسي سوال ڪيا ۽ اندازو لڳايو ته عائزا خان ڪاسميٽڪ سرجري ڪرائي آهي، جڏهن ته اداڪارا مداحن کي تجسس ۾ رکيو آهي ۽ ڪو جواب ناهي ڏنو.
اداڪارا جون تصويرون وائرل ٿيون ته مداحن کيس مائيڪل جيڪسن قرار ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.