ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسان وٽ گٽرن جي ڍڪڻن جي کوٽ ناهي، ڍڪڻ لڳايا به ويندا آهن پر چوري ٿي ويندا آهن، ان معاملي تي گهرو وزير سان ڳالهايو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اسٽور ٻاهران مين هول تي ڍڪڻ نه هجڻ اسٽور لاءِ به سواليا نشان آهي، اسٽور انتظاميا نه پاڻ ڍڪڻ لڳايو ۽ نه ڪنهن اداري کي شڪايت ڪئي، سرڪار سان گڏ شهرين کي به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
پنهنجي خلاف ڪيس جي درخواست بابت سوال تي هن چيو ته جوابدار مان هر شئي جو هوندو آهيان پر ڏوهي ناهيان هوندو، اسان نيڪ نيتي سان ڪم ڪندا آهيون، الزام لڳائڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته اسان گٽر جي ڍڪڻ لاءِ 1334 جي هيلپ لائن متعارف ڪرائي آهي، شهري هيلپ لائن ذريعي واٽر بورڊ کي اطلاع فراهم ڪن، ڪوتاهين مان سکيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن.
گٽر جي ڍڪڻن جي کوٽ ناهي پر چوري ٿي ويندا آهن، گهرو وزير سان ڳالهايو اٿم: مرتضيٰ وهاب
You might also like