خپاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل) ڀارت ۾ پنهنجي مقبوليت جو نئون ثبوت ڏيندي 2025 ۾ گوگل تي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيل اسپورٽس ايونٽ جي فهرست ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
گوگل 2025ع ۾ ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ٿيندڙ اسپورٽس ايونٽس جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پاڪستان سپر ليگ به سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيل ٽورنامينٽس ۾ شامل آهي.
ڀارتي واهپيدارن مقبول عالمي ايونٽس سميت پي ايس ايل کي به وڏي انگ ۾ گوگل تي سرچ ڪيو.
جاري ڪيل فهرست ۾ ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ انڊين پريميئر ليگ( آءِ پي ايل) کي سرچ ڪيو ويو، جڏهن ته ايشيا ڪپ ٻئي، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ٽئين، پرو ڪبڊي ليگ چوٿين ۽ وومينز ورلڊ ڪپ پنجين نمبر تي رهيو.
فيفا ڪلب ورلڊ ڪپ ڇهين، پاڪستان سپر ليگ ستين، ومبلڊن اٺين، نيشنز ليگ نائين جڏهن ته ميجر ڪرڪيٽ ليگ ڏهين نمبر تي رهي.
ڀارتين جي پي ايس ايل ۾ وڌندڙ دلچسپي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ويجهڙائي وارن سالن دوران ليگ جي مقبوليت سرحدون اورانگهي چڪي آهي.