ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ اهم اعزاز ماڻي ورتو.
قائدِ اعظم ٽرافي 2025 جي فائنل ميچ ۾ ڪراچي بليوز جي ٻي اننگز دوران شان مسعود 76 رنسون ٺاهيون، اِها سندس فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 59 هين ففٽي هئي.
ان اننگز دوران هن 13 هزار فرسٽ ڪلاس رنسون پڻ مڪمل ڪيون.
واضح رهي ته سان مسعود 44 ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ڇهن سينچرين ۽ 13 ففٽين جي مدد سان 2550 رنسون ٺاهي چڪو آهي.