اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايران استنبول – تهران – اسلام آباد ٽرين کي هلندڙ سال ٻيهر بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو.
پاڪستان ۾ ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ريلوي واري وزير محمد حنيف عاسي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ – ايران ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي تفصيلي گفتگو ٿي.
ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڪاري سهڪار ۽ هڪٻئي جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌايو ويندو.
ملاقات ۾ پاڪ – ايران واپار ۾ واڌ، گڏيل درآمدن ۽ برآمدن جي ڪاٿي ۾ واڌ ۽ اقتصادي سهڪار وڌائڻ تي به زور ڏنو ويو.
ريلوي واري وزير حنيف عباسي چيو ته واپار ۾ واڌ نه رڳو ريلوي روينيو ۾ بهتري آڻيندي پر ملڪي معيشت لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندي.
ايراني سفير ريلوي واري وزير کي ايران جي سرڪاري دوري جي دعوت پڻ ڏني.
You might also like