اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز طور مقرري جي سمري منظوري کانپوءِ ايوان صدر موڪلي ڇڏيو.
فيلڊ مارشل عاصم منير چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏ چيف آف ڊفينس فورسز به هوندو، اها مقرري 5 سالن لاءِ آهي.
فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان جو پهريون چيف آف ڊفينس فورسز هوندو.
چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جي مدي ۾ به ٻن سالن جي واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.
اها واڌ موجوده 5 سالن جي ملازمت جو مدو مارچ 2026 ۾ مڪمل ٿيڻ تي لاڳو ٿيندي.
وزيراعظم فيلڊ مارشل جي چيف آف ڊفينس فورسز طور مقرري جي سمري ايوان صدر موڪلي ڇڏي
You might also like