رنوير سنگهه مٿان مذهبي جذبا مجروح ڪرڻ جو الزام، ڪارروائي جو مطالبو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلمساز رشڀ شيٽي جي ڪردار جي نقل ڪرڻ تان شروع ٿيل تڪرار تي معافي وٺڻ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ اداڪار رنوير سنگهه کي تنقيد ۽ قانوني ڪارروائي مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، بئنگلورو جي هڪ وڪيل اداڪار خلاف هاءِ گرائونڊز پوليس ٿاڻي ۾ شڪايت دخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته رنوير سنگهه هندن جي مقدس روايت ” ڀوتا ڪولا“ جي توهين ڪري سندن مذهبي جذبا مجروح ڪيا آهن.
هاءِ گرائونڊز پوليس جي هڪ سينيئر آفيسر موجب، اڃا تائين شڪايت تي ڪا به ايف آءِ آر داخل ناهي ڪئي وئي.
داخل ڪيل شڪايت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته رنوير سنگهه گوا ۾ عالمي فلم فيشل جي تقريب دوران اسٽيج تي هندن جي مقدس روايت” ديوا“ تي ٺٺول ڪئي.
شڪايت ۾ ڀارتي قانون جي قلم 209 ( ڄاڻي واڻي مذهبي جذبا مجروح ڪرڻ) 302( ڪنهن جي مذهبي احساسن کي ڇيهو رسائڻ) ۽ 196( مذهب، نسل يا ٻولي جي بنياد تي نفرت پکيڙڻ) جو حوالو ڏنو ويو آهي.
ان کان اڳ رنوير سنگهه اڱاري ڏينن انسٽاگرام اسٽوريز تي وضاحت ڏيندي چيو هو ته سندس مقصد رڳو رشڀ شيٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهڻ هو ۽ هو ملڪ جي هر ثقافت، روايت ۽ عقيدي جو احترام ڪري ٿو.
سندس اِهو وضاحتي يان هندو جنا جاگرتي سميتي ( ايڇ جي ايس) طرفان پاناجي پوليس کي ڏنل شڪايت کانپوءِ سامهون آئي جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته اداڪار رشڀ شيٽي جي ڪردار جي ڪاپي ڪندي ديوي چمندا جي توهين ڪئي.
واضح رهي ته رنوير سنگهه فلم فيسٽيول دوران مشهور فلمساز رشڀ شيٽي جي فلم ” ڪانتارا“ ۾ ادا ڪيل ڪردار جي نقل ڪئي هئي جنهن کانپوءِ سندس خلاف وڏي پيماني تي عوامي ردعمل سامهون آيو هو.
ٻئي پاسي رنوير سنگهه پنهنجي نئين فلم “ ڌورنڌر“ جي رليز جي تيارين ۾ رڌل آهي، جيڪا جمعي ڏينهن سئنما گهرن ۾ پيش ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.