روسي صدر ولاديمير پيوٽن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڀارت پهچي رهيو آهي ۽ ان جون تياريون زور شور سان جاري آهن پر ان حوالي سان ڀارت مان سامهون ايندڙ وڊيوز تي سوشل ميڊيا واهپيدار سخت ردعمل جو اظهار ڪري رهيا آهن.
اتر پرديش ۾ وارانسي مان غير معمولي منظرن انٽرنيٽ تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، جتي مقامي ماڻهن روسي صدر جي آجيان لاءِ آرتي ڪئي ۽ هڪ ويلڪم مارچ به ڪڍيو، جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.
واهپيدارن طرفان وڊيوز تي سوال اٿاريو ويو ته اهو سڀ ڇو ڪيو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي واهپيدارن ان تي ٺٺول به ڪئي.
اشوڪ سوائن لکيو ته پيوٽن ڀارت ۾ هندوتوا گروپ لاءِ نئون خدا بڻجي چڪو آهي، ٽرمپ طرفان مودي کي نظرانداز ڪرڻ کانپوءِ ڀارت جا هندو بالادست پيوٽن جي پوڄا ڪرڻ لڳا آهن، اهي ماڻهو ڀارت کي مذاق بڻائي رهيا آهن.
هڪ ٻئي ڀارتي واهپيدار لکيو ته اسان ”سوامي پيوٽن“ مندر ڪڏهن کولي رهيا آهيون؟
You might also like