برسبين (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي ليفٽ آرم فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ پاڪستان جي اڳوڻي ليجنڊري بالر وسيم اڪرم جو 23 سال پراڻو ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
خميس ڏينهن گابا ۾ انگلينڊ خلاف ايشز سيريز جي ٻي ڊي نائيٽ ٽيسٽ دوران پهرين اننگز ۾ مچل اسٽارڪ انگلش بيٽر بين ڊڪٽ، اولي پول ۽ هيري بروڪ جون اهم وڪيٽون حاصل ڪيون.
ان سان گڏ مچل اسٽارڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ کاٻريل فاسٽ بالر بڻجي ويو آهي.
ان کان اڳ اِهو رڪارڊ وسيم اڪرم وٽ هو، جنهن 104 ٽيسٽ ميچن ۾ 414 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون، جڏهن ته مچل اسٽارڪ اهو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ رڳو 102 ٽيسٽ ميچون کيڏڻيون پيون.
واضح رهي ته ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 325 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
جوءِ روٽ پهريون ڀيرو آسٽريليا جي سرزمين تي سينچري اسڪور ڪئي ۽ هو 135 رنسن سان ڪرير تي موجود آهي، جڏهن ته جوفرا آرچر 32 رنسون ٺاهي گڏ آهي، مچل اسٽارڪ هن اننگز ۾ 6 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.
You might also like