11هين قومي مالياتي ڪميشن جو پهريون اجلاس، مالي معاملن لاءِ ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 11هين قومي مالياتي ڪميشن جي افتتاحي اجلاس ۾ مالياتي معاملن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ 11 هين قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جا وڏا وزير ناڻي واري وزير طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان جا ناڻي وارا وزير ۽ پرائيويٽ رڪن اجلاس ۾ موجود هئا.
اجلاس ۾ وفاقي ناڻي واري وزارت طرفان پنهنجي مالي صورتحال تي آگاهي ڏني وئي، جڏهن ته چئني صوبن پڻ پنهنجي مالي پوزيشن بابت بريفنگ ڏني.
ناڻي واري وزير اجلاس ۾ آيل وڏن وزيرن، صوبائي ناڻي وارن وزيرن، سيڪريٽريز ۽ ٻين ميمبرن جي شرڪت تي ٿورا مڃيا.
محمد اورنگزيب چيو ته اڄوڪو اجلاس آئيني ذميواري ۽ گڏيل سهڪار جو اهم موقعو آهي.
هن چيو ته فورم پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 160 تحت قائم ڪيو ويو هو، ان پس منظر ۾ اجلاس جي اهميت وڌيڪ وڌي وڃي ٿي.
سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جو پختو عزم هو ته 11هين اين ايف سي جو اجلاس بنا دير جلد سڏايو وڃي، وزيراعظم به ان معاملي ۾ خاص دلچسپي ورتي ۽ صوبن پڻ هن آئيني ذميواري کي وقت سر ادا ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.
ناڻي واري وزير چيو ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ سبب اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو، اين ايف سي بابت خدشن جو حل مخلصاڻي ۽ شفاف ڳالهه ٻولهه آهي، اڄ اسان هتي کليل ذهن ۽ بنا ڪنهن تعصب جي موجود آهيون، اسان جي پهرين ترجيح هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ آهي، وفاقي حڪومت صوبن جي موقف ٻڌڻ لاءِ موجود آهي ۽ اميد آهي ته صوبائي نمائندا به گڏيل سهڪار ذريعي اڳتي وڌندا.
هن چيو ته صوبن طرفان نيشنل فِسڪل پيڪٽ تي صحيحون ڪرڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي، جيڪا قومي مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جو ثبوت آهي، صوبن جو فائنانس سرپلس رکڻ ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ۾ سهڪار قابلِ تحسين آهي.
ناڻي واري وزير موجب، هلندڙ سال ملڪ کي ڀارت طرفان غيرمعمولي خطرن ۽ ٻوڏ جهڙن وڏن چئلينجز جو منهن ڏسڻو پيو، اهڙين حالتن ۾ وفاق متحد ٿي ڪم ڪيو، جيڪو جذبو 11هين اين ايف سي ايوارڊ جي عمل ۾ برقرار رکڻ گهرجي، ايندڙ هفتن ۽ مهينن ۾ بامقصد ۽ تعميري بحث جاري رهندو، اميد آهي ته سڀ ميمبر گڏيل ڳالهه ٻولهه لاءِ ڀرپور عزم سان اڳتي وڌندا ۽ گڏيل احترام ۽ سهڪار سان ڪم ڪندا، جيئن 11هين اين ايف سي ايوارڊ کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو وڃي.
اين ايف سي جو ايندڙ اجلاس 8 يا 15 جنوري تي ٿيندو
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ 6 کان 7 ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻي فاٽا بابت الڳ ورڪنگ گروپ پڻ ٺاهيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اين ايف سي جو ايندڙ اجلاس 8 يا 15 جنوري تي ٿيندو.
اجلاس کان پوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته ورڪنگ گروپس مالي معاملن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندا.
رٿابندي واري وزارت جون تجويزون
هوڏانهن رٿابندي واري وزارت ٻن نون طريقن تحت وسيلن جي ورڇ بابت تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون آهن.
پهرين تجويز موجب، ورڇ جوڳي اوڳاڙين مان دهشتگردي خلاف جنگ، پاڻي جي تحفظ، سول آرمڊ فورسز ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي گرانٽس لاءِ اڍائي سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ 57.5 سيڪڙو حصو صوبن کي ۽ 42.5 سيڪڙو وفاق کي ملندو.
ٻي تجويز موجب، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جا خرچ ورڇ جوڳي اوڳاڙين مان پهريان ڪڍيا وڃن، جنهن سان 2030 تائين وفاق جي وسيلن ۾ 11 کان 12 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ صوبن جي وچ ۾ اين ايف سي ورهاست ۾ آبادي جي وزن کي گهٽائڻ ۽ ان جي مقابلي ۾ ريوينو جنريشن، زرخيز علائقن ۽ فاريست ڪور جهڙن عنصرن کي وڌائڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.