اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاڪستان برطانيا کان شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي حوالگي جي باظابطا درخواست ڪري ڇڏي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪ-برطانيا لاڳاپن، سيڪيورٽي سهڪار ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان سان گڏوگڏ برطانيا ۾ غير قانوني طور رهندڙ پاڪستانين جي ڏيهه واپسي وارن معامل تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان دوران گهرو وزير شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي حوالگي بابت سرڪاري دستاويز برطانوي هاءِ ڪمشنر حوالي ڪيا.
محسن نقوي چيو ته ٻئي فرد پاڪستان ۾ گهربل آهن، کين ترت پاڪستان حوالي ڪيو وڃي.
گهرو وزير پروپيگنڊا ڪندڙ ڪجهه پاڪستاني شهرين خلاف جوڳا ثبوت پڻ مهيا ڪيا.
محسن نقوي چيو ته اظهار راءِ جي آزاديءَ تي مڪمل يقين آهي، پر ڪوڙيون خبرون هر ملڪ لاءِ مسئلو آهي.
You might also like