اسلام آباد(بيورو)ايم ڊبليو ايم جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته اسلام آباد ۾ بلتستان جي معصوم ڌيءَ تابنده بتول ۽ هن جي ساٿي کي هڪ بگڙيل نواب جي گاڏي هيٺ چٿڻ جو سانحو رڳو انسانيت سوز عمل نه آهي، پر هي سڄي ملڪ جي عدالتي نظام ۽ رياستي رِٽ تي هڪ وڏو سوال به اڀاري ٿو. هي واقعو صاف ظاهر ڪري ٿو ته اشرافيه هن ملڪ جي قانونن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي۔ هتي ڪمزور لاءِ قانون تلوار بڻجي وڃي ٿو ۽ طاقتور لاءِ ڍال۔ عام شهري معمولي غلطي به ڪري ته فوري گرفتار ٿي وڃي ٿو، پر جيڪڏهن ڪنهن نواب زادي جي هٿن ٻن معصوم ڌيئرن جي جان هلي وڃي ته رياستي ادارا خاموش، ميڊيا محتاط ۽ سياسي قيادت گونگي بڻجي وڃي ٿي،اهو رويو قومي زوال جي انتهائي خطرناڪ نشاني آهي۔مان مطالبو ڪريان ٿو ته گرفتار ٿيل جوابدار خلاف دهشتگردي جون شقون لاڳو ڪري ڪيس هلائجي، جيڪڏهن رياست هن دفعي به اشرافيه جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا ته قوم جو رياستي ادارن تي اعتماد مڪمل ختم ٿي ويندو،صحافي مريم نواز چيو ته جسٽس آصف پاڻ به واقعي جي جاءِ تي پهچي ويا۔ پوءِ هنپنهنجي پٽ کي گهر موڪليو، دوستن کي ڀڄائي ڇڏيو ۽ ڪمزور ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ بعد صبح جو پٽ کي پوليس حوالي ڪيو! انهن ٻنهي دوستن جو نه ايف آءِ آر ۾ ذڪر آهي ۽ نه ئي پوليس انهن بابت ڪجهه ڪيو،ساجد عثماني لکيو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ ڪنهن نابالغ ٻار جي هيلميٽ نه پائڻ تي والدين خلاف ڪيس ٿي سگهجي ٿو، ته اسلام آباد ۾ هڪ جج جي نابالغ پٽ ٻه قيمتي جانيون کسيون،ڇا هاڻي جج خلاف به ايف آءِ آر ٿيندي؟