اداڪارا، ماڊل ۽ گلوڪارا عنزيلا عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن مڙس کي منهنجي لباس تي ڪو اعتراض ناهي ته ماڻهن کي ڇو آهي؟
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ عنزيلا عباسي چيو ته جيڪڏهن منهنجو مڙس ۽ ساهرا منهنجي لباس مان خوش آهن ته ٻين ماڻهن کي ان تي اعتراض ڪرڻ جو ڪو حق ناهي، ماڻهن کي ٻين جي چونڊ تي راءِ ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته مان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندي آهيان ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ ۾ ناهيان ڪيٻائيندي، جيڪڏهن ڪير پنهنجي ذاتي زندگي ۾ مصروف آهي ۽ ٻين کي متاثر نه پيو ڪري ته ان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.
You might also like