عمران جون ڀينرون  سياسي  پيغام کڻي ويون ته ملاقاتون نه ٿينديون:فيصل واوڊا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته عمران خان جي ڀينرن سان ملاقات سندس حق آهي، ڇو ته اهي غير سياسي آهن، کين اهو حق ملڻ گهرجي. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته مان ڪالهه توهان کي مشورو ڏنو هو، اڄ توهان کي فائدو ٿي ويو، ٻه قدم پوئتي هڪ قدم اڳتي ٿيڻ سان ئي سياسي رستو نڪرندو آهي.هن چيو ته خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير اڊيالا ۽ اسلام آباد تي ڪاهه نه ڪري سٺو قدم کنيو، ڀيڻون غير سياسي آهن، جن کي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جو حق ملي ويو پر جيل ۾ سياسي ملاقاتون ممڪن ناهن.سندس چوڻ هو ته ميران شاهه ۾ اسان جي بهادر آفيسر کي بي رحمي سان شهيد ڪيو ويو، جنهن جي ذميواري ڪي پي جي وڏي وزير تي لاڳو ٿئي ٿي، هو ميران شاهه ۾ پنهنجي شهيد آفيسر جي گهر ڀاتين جو داد فرياد ڪري، گورنر کي به اها ئي درخواست آهي ته وڃي ۽ شهيدن کي عزت بخشي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.