اسلام آباد(بيورو رپورٽ) موجوده مالي سال جي پهرين پنجن مهينن دوران واپاري خسارو وڌي ويو، جڏهن ته بر آمد بدران درآمد ۾ به واڌ آئي آهي. جڏهن ته برآمد ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جولاءِ کان نومبر تائين واپاري خساري ۾ 37.17 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. وفاقي شمارياتي اداري طرفان جاري ڪيل واپاري انگن اکرن مطابق، موجوده مالي سال جولاءِ کان نومبر تائين واپاري خساري ۾ 37.17 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ واپاري خسارو 15 ارب 46 ڪروڙ 90 لک آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو. ڳڻپ اداري موجب نومبر ۾ سالياني بنياد تي واپاري خسارو 32.79 سيڪڙو وڌيو، جڏهن ته ماهوار بنياد تي واپاري خسارو 11.86 سيڪڙو گهٽجي ڪري 2 ارب 85 ڪروڙ 50 لک ڊالر رهيو. رپورٽ مطابق، جولاءِ کان نومبر تائين درآمد ۾ 13.26 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ اها 28 ارب 31 ڪروڙ 30 لک ڊالر رهي، جڏهن ته نومبر ۾ درآمد 5 ارب 25 ڪروڙ 30 لک ڊالر رهيون.اداري شماريات مطابق، جولاءِ کان نومبر تائين برآمد 6.39 سيڪڙو گهٽجي ڪري 12 ارب 84 ڪروڙ 40 لک ڊالر رهيون، نومبر ۾ سالياني بنياد تي برآمدات ۾ 15.35 سيڪڙو ۽ ماهوار بنياد تي 15.80 سيڪڙو گهٽتائي آئي، جڏهن ته نومبر ۾ برآمد 2 ارب 39 ڪروڙ 80 لک ڊالر رهيون.