هڪ شخص، جنهن جي سڃاڻپ رحمان الله لکنوال جي نالي سان ٿي آهي، شايد آمريڪا ۾ رهندڙ سمورن افغان پناهگيرن جي قسمت کي اونداهو ڪري ڇڏيو آهي. هن هفتي جڏهن آمريڪي شهري ٿئنڪس گِونگ جي موڪلن لاءِ سفر جون تياريون ڪري رهيا هئا، تڏهن وائيٽ هائوس جي ويجهو هڪ ميٽرو اسٽيشن تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو. الزام آهي ته هڪ افغان شهري، جيڪو پنهنجي گهر واشنگٽن اسٽيٽ کان هزارين ڪلوميٽر سفر ڪري اُتي پهتو هو، نيشنل گارڊ جي هڪ عورت اهلڪار تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اها مارجي وئي، جڏهن ته حملي ڪندڙ هڪ مرد گارڊ کي به گولي هنئي. ٻين نيشنل گارڊ اهلڪارن جواب ۾ فائرنگ ڪري رحمان الله کي زخمي ڪري ڇڏيو. ڪيترا ئي هفتا ٿيا آهن جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم تي نيشنل گارڊ جا اهلڪار واشنگٽن ڊي سي ۾ مقرر آهن ته جيئن انهن حالتن کي منهن ڏئي سگهجي، جن کي ٽرمپ جرائم جي هنگامي حالت قرار ڏنو آهي.
رپورٽن موجب، 29 ساله رحمان الله لکنوال 2021ع ۾ آپريشن الائزيز ويلڪم تحت آمريڪا ۾ داخل ٿيو هو. کيس اُها ئي سال آمريڪا ۾ پناهه ڏني وئي هئي. طالبان جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ، هو افغانستان ۾ سي آءِ اي سان پڻ ڪم ڪري چڪو هو. پر اها حقيقت ٽرمپ انتظاميه لاءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي، جنهن هن حملي کي طالبان جي ظلم کان ڀڄي آيل افغان پناهگيرن جي آمريڪا ۾ داخليت تي سوال اٿارڻ لاءِ استعمال ڪيو. حملي کان ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي ٽرمپ انتظاميه جي عملدار، ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ڪيش پٽيل دعويٰ ڪئي ته بائيڊن جي دور ۾ هزارين پناهگيرن کي آمريڪا آندو ويو ۽ هنن سڄي عمل جي جاچ پڙتال تي سوال کنيا. حقيقت اها آهي ته آمريڪا ۾ ايندڙ پناهگيرن ۽ ويزا هولڊرن جي سخت ۽ مڪمل جاچ ٿيندي آهي.
سياسي طور تي هن افسوسناڪ واقعي کي ٽرمپ پنهنجي اينٽي اميگرنٽ بيانئي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي، جيڪو خراب معاشي ڪارڪردگي سبب تنقيد هيٺ آيل هن ڪمزور حڪومت لاءِ عوامي ڌيان هٽائڻ جو ذريعو بڻجي رهيو آهي. حملي کان پوءِ ٽرمپ بيان ڏنو: هاڻي اسان کي بائيڊن جي دور ۾ افغانستان کان ايندڙ هر پرڏيهن جو ٻيهر جائزو وٺڻو پوندو، ۽ اسان کي ضروري قدم کڻڻا پوندا ته جيئن ڪنهن به اهڙي پرڏيهي کي، ڀلي هو ڪنهن به ملڪ مان هجي، هتان ڪڍي سگهجي جيڪو هتي جو ناهي يا اسان جي ملڪ کي فائدو نٿو پهچائي. هن وڌيڪ چيو: جيڪڏهن اهي اسان جي ملڪ سان محبت نٿا ڪري سگهن، ته پوءِ اسان کي انهن جي هتي ضرورت ناهي. ان کان پوءِ ڪريڪ ڊائون جو عمل وڌيڪ تيز ٿي ويو. ايڪس (سوشل ميڊيا) تي هڪ پوسٽ ۾ آمريڪي شهريت ۽ اميگريشن سروس (يو ايس سي آءِ ايس) اعلان ڪيو ته افغان شهرين سان لاڳاپيل سمورين اميگريشن درخواستن جي پروسيسنگ غيرمعينه مدي لاءِ روڪي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن مطابق، پروسيسنگ روڪڻ ممڪن آهي ته انهن سمورن افغان شهرين تي اثرانداز ٿيندي، جيڪي آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ پناهه گهري رهيا آهن يا گرين ڪارڊ ذريعي مستقل رهائش جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اها انهن افغانن کي به متاثر ڪندي، جن افغانستان ۾ ويهه سال جاري جنگ دوران آمريڪا جي مدد ڪئي هئي. اهڙن ڪيترن ماڻهن ٽين ملڪن ۾ ڦاسي پيا آهن ۽ اسپيشل اميگرنٽ ويزا پروگرام تحت پنهنجي ويزا جي عمل جي مڪمل ٿيڻ جا منتظر آهن، جيڪو انهن چند رستن مان هڪ آهي جيڪو افغان پناهگيرن لاءِ باقي رهيو آهي، جن سان جنگ دوران آمريڪا واعدو ڪيو هو ته کين محفوظ پناهه ڏني ويندي. خميس جي ڏينهن، ٽرمپ پنهنجي ٽروٿ سوشل پليٽ فارم تي لکيو: مان ٽئين دنيا جي ملڪن مان ايندڙ سموري اميگريشن کي مستقل طور روڪي ڇڏيندس، ته جيئن آمريڪي نظام مڪمل طور بحال ٿي سگهي. هن انتظاميه پاران مهاجرن خلاف ڪڙڪ ڊائون پهرين ڏينهن کان ئي ان جي نمايان ۽ خوفناڪ پاليسين مان هڪ رهيو آهي. هي حملو افسوسناڪ ضرور هو، پر آمريڪا ۾ روز ٿيندڙ بي شمار فائرنگ جي واقعن کان مختلف نه هو. تنهن هوندي به، هن واقعي انتظاميا کي هڪ ٻيو بهانو ڏئي ڇڏيو آهي ته هو سموري اميگريشن روڪي ڇڏين، خاص طور تي انهن ملڪن مان ايندڙ ماڻهن جي، جتي ڪارا ۽ ڀورا رنگ وارا ماڻهو رهن ٿا. هن اعلان کان ڪجهه ڏينهن اڳ، يو ايس سي آءِ ايس حڪم ڏنو هو ته آمريڪا ۾ رهندڙ هيٽي جا اهي شهري، جن کي پنهنجي ملڪ جي بدامني سبب عارضي حفاظتي حيثيت حاصل هئي، ايندڙ سال جي شروعات کان پوءِ ان مان فائدو وٺي نه سگهندا. افغانن خلاف ڪڙڪ ڊائون (۽ افواهون آهن ته اهو قدم صومالي پناهگيرن تائين به وڌايو ويندو) ٽرمپ جي ان وڏي نظرئي جو حصو آهي، جنهن ۾ آمريڪا کي هڪ اڇي قوم ۽ عيسائي ملڪ طور ڏٺو وڃي ٿو. ظاهر آهي ته نقصان انهن افغانن جو ٿيو آهي، جن آمريڪا جو ساٿ ڏنو ۽ يقين رکيو ته ان جي بدلي ۾ کين تحفظ ملندو.
هڪ شخص جو کنيل اهو قدم لازمي ناهي ته انتهاپسنديءَ جو نتيجو هجي؛ ممڪن آهي ته اهو ذهني بيماريءَ سبب به ٿيو هجي، پر ان سڀني کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
بلڪل اهڙيءَ ريت، جيئن ڪڏهن نوآبادي دور جون قوتون ڪنديون هيون، تيئن ئي اڄ جون نوآبادي قوتون به پنهنجا واعدا وساري رهيون آهن. انهن ماڻهن جي قربانين کي بي وقعت بڻائي رهيون آهن، جن انهن لاءِ پنهنجون جانيون به خطري ۾ وڌيون، جڏهن ته اهي نيون مهمون شروع ڪندي پراڻين جنگين کي وساري ويٺيون آهن۔
هي ڳالهه ان ڪري به وڌيڪ صحيح لڳي ٿي، جو افغانستان ۾ طالبان جو ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ آمريڪا کي بار بار ياد ڏياري ٿو ته ويهن سالن جي جنگ ۽ کربين ڊالر خرچ ڪرڻ کان پوءِ به کين ڪا حقيقي فتح حاصل نه ٿي سگهي. هزارين افغان ۽ ٻيا مهاجر هاڻي شايد ڪڏهن به آمريڪا نه پهچي سگهن. هڪ ئي لمحي ۾، انهن جي موجودگيءَ کي بدنما بڻايو ويو آهي، انهن تي ناپسنديده جو ليبل لڳايو ويو آهي، ۽ هاڻي انهن کي وري اهڙي دنيا ۾ پنهنجي لاءِ جيئڻ جو طريقو ڳولڻو پوندو، جيڪا اجنبي ماڻهن ۽ پرڏيهين کان نفرت ڪندي آهي.