5 ڏينهن کان گم مشهور بيوٽي انفلوئنسر جو جهنگ ۾ سوٽ ڪيس مان لاش هٿ

ويانا (ويب ڊيسڪ) 5 ڏينهن کان گم آسٽريا جي مشهور بيوٽي انفلوئنسر ۽ ميڪ اپ آرٽسٽ اسٽيفني پيپر جو جهنگ ۾ سوٽ ڪيس مان لاش هٿ آيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريا جي اسٽيفني جو لاش پاڙيسري ملڪ سلووينيا جي جهنگ مان هڪ سوٽ ڪيس مان برآمد ٿيو.
31 ورهين جي اسٽيفني کي آخري ڀيرو هڪ هالي ڊي پارٽي ۾ ڏٺو ويو هو، ان ئي رات هن پنهنجي دوستن کي پيغام موڪليو هو ته ڏاڪڻين تي ڪو عجيب شخص آهي، هڪ ڪارو ڇاپو آهي، جنهن کانپوءِ خدشا ظاهر ڪيا ويا هئا ته شايد ڪو سندس پيڇو ڪري رهيو آهي.
5 ڏينهن ڳولا کانپوءِ پوليس کي لاش سلووينيا جي جهنگ ۾ هڪ سوٽ ڪيس مان هٿ آيو.
پوليس شڪ جي بنياد تي اسٽيفني جي اڳوڻي بواءِ فرينڊ کي حراست ۾ ورتو، جنهن اسٽيفني کي گهٽو ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.
واضح رهي ته اسٽيفني مشهور بيوٽي انفلوئنسر، ميڪ اپ آرٽسٽ ۽ گلوڪارا پڻ هئي، هوءَ انسٽاگرام تي ميڪ اپ لڪس، بيوٽي ٽپس ۽ پروڊڪٽ ريويوز تي ٻڌل ڪانٽينٽ ٺاهيندي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.