لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سنڌ جي عوام کي ثقافتي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته محتني ۽ مهمان نواز سنڌي ڀينرن ۽ ڀائرن کي پنجاب واسين جو سلام پيش ڪيان ٿي، مان سنڌ، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي کي ثقافتي ڏهاڙي جي دلي مبارڪباد پيش ڪيان ٿي.
پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته سنڌ جي سڃاڻپ محبت، امن ۽ ڀائيچارو آهي، جنهن سدائين پاڪستان جي سڃاڻپ کي مضبوط ڪيو آهي، سنڌي اجرڪ، ٽوپي، دلڪش موسيقي ۽ شاعري ملڪ جي ثقافتي خوبصورتي ۾ واڌ ڪري ٿي ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو هاڪاري چهرو اجاڳر ڪري ٿي.
هن سنڌ جي تهذيب کي قديم، خوبصورت ۽ دلڪش قرار ڏيندي چيو ته سنڌ جي ثقافت سڄي قوم لاءِ فخر جوڳي آهي، اميد ته پاڪستان جون سڀئي ثقافتون گڏجي قومي يڪجهتي ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون.
You might also like